خدا بخش جويو

خدا بخش جويو

جويو خدا بخش

جويو، خدا بخش: نامياري صحافي، ڪيليگرافر ۽ سماجي رڪن خدا بخش جويي ولد محمد موسيٰ جويي 13 آگسٽ 1960ع تي سن ضلعي ڄامشوري ۾ جـنـم ورتـو. هـن پـرائمري تعليم سن مان حاصل ڪئي، جڏهن ته مئٽرڪ 1982ع ۾ سـن مـان ڪيـائيـن. انٽـر گـورنميـنـٽ ڊگـري ڪـالـيـج سيوهڻ ۽ بــي. اي سـچــل سـرمـسـت ڪاليج حـيــدرآبـاد مان 1988ع ۾ ڪيائين. خـدا بـخـش جويـي نـنـڍيءَ عمـر کان مختلف سماجي ڪمن سان لاڳاپيل رهيو. 1981ع ۾ لطيف سنگت جو پهريون عهديدار، مرڪزي صدرٿيو. هن صحافت جي شروعات 1983ع کان ڪئي. سڀ کان پهرين هن روزاني مهراڻ ۽ پوءِ روزاني عبرت ۾ 7 سالن تائين رپورٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو. هن ٻاراڻي شاعري پڻ ڪئي، جيڪا عبرت ۽ چڻنگ جي ٻاراڻي صفحي ۾ پڻ شايع ٿيندي رهي، ان کانسواءِ ڪهاڻيون به لکيائين.هي هڪ سٺو ڪيليگرافر پڻ آهي، هن 1986ع کان 1997ع تائين شمس العلماءَ لائبريري ۾ ڪيليگرافر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. 1991ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي چوڻ تي هن سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو مونوگرام ٺاهيو.خـدا بخش جويي جلال محمود شاهه سان گڏجي باقاعده سماجي ڪمن جي شروعات ڪئي. اڳوڻي وزيراعليٰ عبدالله شاهه جي دور ۾ 1996ع ۾ سن واري واقعي (4 جون 1996ع سبب) تي جلال محمود شاهه خلاف ڪارروائي ڪئي، ان وقت خدا بخش جويو 6/5 سالن تائين روپوش رهيو، جنهن کان پوءِ مـمتـاز ڀُـٽـي جـي نگران حڪومت ۾ ڪيس ختم ٿيو. ان کانپوءِ خـدا بـخــش جويي 2001ع ۾ بلدياتي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ جلال محمود شاهه جي پئنل تان مقابلي ۾ وڏي اڪثريت سان کٽيو ۽ تعلقي ناظم ڪوٽڙي ٿيو، جنهن کان پوءِ واٽر سپلاءِ ۽ ٻيا ترقي ڪم ڪرايائين. خدا بخش جويو هن وقت سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڄامشوري جو انفارميشن سيڪريٽري آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.08.13  عيسوي

نامياري صحافي، ڪيليگرافر ۽ سماجي رڪن خدا بخش جويي ولد محمد موسيٰ جويي 13 آگسٽ 1960ع تي سن ضلعي ڄامشوري ۾ جـنـم ورتـو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امير بخش ڪلهوڙو
ڪمال خان چانگ
عبدالحق شيخ
پيرزادو سائل
شاهه محمد دودائي
مرزا محمد عيسيٰ بيگ ثاني ترخان
باغ محمد بيشڪ جوکيو
سيد پريل شاھ
جنيد احمد سومرو
ڌامراهوعبدالرحمان مولانا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون